اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش، 100 انڊيڪس 1774 پوائنٽس ڪري پئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت مندي جو رجحان جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ اڄ ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ ئي مندي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي انڊيڪس 1774 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 44470 تي پهچي ويو، اڄ جي ڪاروبار ۾ 3.5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هن وقت تائين گذريل ٽن سيشنز دوران 2900 جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي سان گهٽتائي سبب سود جي شرح وڌڻ جو امڪان آهي.اقتصادي تجزيه نگار محمد سهيل جو چوڻ آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح وڌڻ جو خدشو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهٽتائي جو سبب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو