اسلام ۽ حضور پاڪ جي نالي تي ظلم ڪندڙن کي نه ڇڏبو،خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ  هاڻي جنهن به دين کي استعمال ڪندي ۽ رحمت اللعالمين جي نالي تي يا نوموس رسالت جي اوٽ ۾ ظلم ڪيو، اُن کي نه ڇڏينداسين، سڄي ملڪ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي اهڙا واقعا ٿيڻ نه ڏنا ويندا. وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي ۾ قتل ٿيل سريلنڪن شهري جي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيوته دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ ائين نٿو ٿئي ته پاڻ ئي الزام لڳائي، پاڻ ئي جج ٿئي ۽ پاڻ ئي قتل ڪري، اسان جي معاشري ۾ تماشو لڳايو ويو آهي. ھن چيو تھ  هتي گستاخي جو الزام هڻي هڪ ماڻهو کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، ڪو جج ڪيس ناهي ٻڌندو ۽ ڪو وڪيل ڪيس ناهي وڙهندو،  سيالڪوٽ واقعي ۾ هجوم هٿان جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن تي تمام گهڻي تڪليف پهتي، پريانٿا جي وارثن کي سيالڪوٽ جي واپارين طرفان گڏ ڪيل هڪ لک ڊالرز ۽ ماهوار پگهار ڏيڻ جو اعلان، وزيراعظم سريلنڪن شهري کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ملڪ عدنان لاءِ تمغه شجاعت جو اعلان ڪندي چيو ته اهڙا ماڻهو اسان ۾ اُميد پيدا ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو