اسلام آباد ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ڌوم ڌام سان ملهايو ويو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ( نيشنل پريس ڪلب اندر صوفياڻي راڳ جي رنگا رنگ تقريب ٿي گذري تقريب ۾ صحافين سميت هزارين مرد عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي تقريب اسلام آباد پريس ڪلب جي نائب صدر شاھ محمد ڏيٿو جي ميزباني هيٺ ٿي جنهن ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي صدر شڪيل انجم، مسلم ليگ ق جي صوبائي نائب صدر چنيسر آريسر، خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

Sindh Culture Day in NPC, hosted by Shah Mohd Detho VP

ان موقعي تي آيل مهمانن کي ميزبان شاھ محمد ڏيٿو، صحافي سبحان کوسو ،سينئر صحافي نذير چارڻ ۽ ٻين سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ افضل بٽ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي هڪ تاريخي قوم آهن جن جو ثقافتي ڪلچر تمام وسيع ۽ قديم آهي هر سال سنڌي هتي پريس ڪلب اندر صوفياڻي راڳ جي محفل منقعد ڪندا آهن جنهن سان هتي رهندڙ سنڌي توڙي ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻهو پنهنجي فيملز سان شريڪ ٿي لطف اندوز ٿيندا آهن اڳواڻن چيو ته پريس ڪلب اسلام آباد جي اها روايت رهي آهي ته پريس ڪلب اندر سڀني ٻوليون ڳالهائيندڙ جا ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن پر سنڌي ثقافتي پروگرام ڪرائڻ ۾ ميدان ماري ويا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌي هر سال پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن.

A wide view of the audience of Sindh Culture Day in NPC Islamabad

پروگرام ۾ سنڌي راڳين مانجھي فقير، ديبا سحر ناليواري راڳي بشرا علي، انين فدا  ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو صوفي راڳي مانجهي فقير جڏهن ٿا پيئون پيئون تڏهن ٿا جيون جيون وارو گيت ڳايو ته محفل جهومڻ تي مجبور ٿي وئي نوجوان توڙي ٻار ڊانس ڪندا رهيا ناليواري راڳي ديبا سحر سخي پيئا کي ملئي ته چئجائين چاندي تو سوا نه ٿيندي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو نوجوان ڳائڻي بشرا علي جڏهن قومي گيت ڳايو ته  مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان ته نوجوان جهومي اٿيا ۽ قومي گيت تي رقص ڪيو راڳ رنگ جي محفل رات دير تائين جاري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو