اسرائيل فلسطين جنگ ۽ عالمي سامراجي مفاد

طفيل مگسي
عالمي معشيت جيڪا هن ڳقت تائين يوڪرين جنگ جنگ جي اثرن کان ناهي نڪري سگهي ته وري اسرائيل ۡ۽ فلسطين ۾ نئين جنگ جي شروعات ٿي چڪي آھي.فلسطين جيڪو هڪ اهڙو“فلش پوائنٽ“آھي.جيڪو نه صرف علائقائي ۽ عالمي امن جي لاء سدائين جي لاء خطرو بڻيل رهي آٿو بلڪ جنگ ڪٿي به هجي.ڪنهن به سطح جي هجي ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا به هجن.ان جو بيشڪ فائدو عالمي طاقتن کي ئي پهچي ٿو يا عالمي طاقتون ئي حاصل ڪن ٿدون.فلسطين جيان ڪشمير ۽ بوسينا سميت ڪيترائي“فليش پوائنٽس“آھن.جن کي عالمي عالمي سرمائيداراڻو نظام.جڏھن چاهي ٿو پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏي ٿو.فلسطين ۽ اسرائيل جنگ جيئن به شروع ٿي ۽ جنهن به پاسي کان شروع ٿي يا ڪئي وئي.سدائين جيان هن جو نقصان فلسطينين کي ئي ٿيندو.عالمي نشرياتي ذريعا ڪيترن ئي ڏھاڪن کان وسري ويل خبرون ورجائينديون ته غزه جي پٽي  ۽ اولهائين ڪناري ۾ اسرائيل جي فلسطيني شھري آبادي تي وحشياڻي بمباري.عورتن.ٻارڙن .پوڙھن سميت هزارين فرد شھيد.اسپتالن ۾ دوائن جون سهوليتون ناهن.فلسطيني ٻارڙن جون رڙين.دانهن۽ ڪيڪاٽن جون وڊيوز ڏيکاريون وڃن ٿيون.عالمي جنگي قانون جي خلاف ورزي تي عالمي اڳواڻن جي نرم.يا سخت مذمت جا بيان اچن ٿا.جڏھن ته ڪجه عرصي کانپوء ماڻھو انهن دردناڪ منظرن کي وساري ڇڏين ٿا ۽ انهن کي هوريان هوريان به محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته عالمي سياست ۽ معشيت“     Dynamics “تبديل ٿي چڪي آھي.
تاريخ ۾ ھڪ دور اهڙو به آيو هو.جڏھن دنيا ۾ اهو شعور هو ته ظالم ۽ مظلوم ڪير آھي.اهو اهوئي دور هو.جڏھن سموري دنيا ۾ آزادي جي تحريڪن جو هڪ نه خٿم ٿيندڙ طوفان اٿيو هو.اهو ويهين صديء جي پهرين ڇهن ڏھاڪن جو دور هو.جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي.ان صورت ۾ جن قومن جي آ زادي جو مسئلو حل نه ٿيو.اهو اڄ تائين حل نه ٿي سگهيو.انهن ۾ فلسطينن جي عوام جو مسئلو به شامل آھي.جيڪو 1947ع کان حل جو گگرجائو آھي.ان دور ۾ عالمي سرمائيداراڻو ۽ سامراجي نظام ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار هو ۽ نهايت ڪمزپر پڻ ٿي ڇڪو هو.ان جي باوجود اهو وري مضبوط ٿيو ۽ هن وقت سمورن مامرن کي پنهنجي مرضي جورخ ڏئي ڇڏي ٿو.هن وقت جي فلسطين اسرائيل جنگ ۾ ظاھر ۾ ته اهوئي لڳي ٿو ته پهريون حملو فلسطين تنظيم“حماس“جي ويڙھاڪن ڪيو.ليڪن هينئر اسراميل جي طرف کان ڇا ڪيو پيو وڃي ته اها جنگ ان وقت تائين ختم نه ٿيندي.جيستائين حماس کي ختم نٿو ڪيو وڃي.اڄ جي ماڻھن کي اهو احساس ناهي ته حماس جو حملو مسلسل اسرائيلي عملن جو ردعمل آھي.امريڪا ۽ اسرائيل هن وقت اهو چاهين ٿا ته يوڪرين جيان هن جنگ کي به ڊيگه ڏني وڃي.يوڪرين جنگ بنيادي طور تي روس ۽ امريڪا جي مفادن جو ٽڪراء ھئي.هن وقت به ساڳئي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي.امريڪا کي پروڙ آھي ته ان جي خلاف روس.چين ۽ ايران وغيره گڏجي ڪري جيڪا صف بندي ڪري رهيا آھن.انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ مختلف علائقن تي امريڪي ڪنٽرول برقرار رکڻ جو هڪ ئي طريقو آھي ته ڪنهن هڪ خطي يا مختلف خطن ۾ عدم استحڪام پيدا ڪيو وڃي ۽ غير محسوس طور تي عالمي جنگ واري صورتحال پيدا ڪئي وڃي.جيڪڏھن اها جنگ ڊگهي هوندي آھي ته ڪنهن حد تائين روس.چين ۽ وڏي حد تائين ايران ۽ شام  ۽ ٻيا عرب ملڪ ان ۾ سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت فلسطينين جي پٺڀرائي ضرور ڪندا.گڏيل عرب امارات .قطر ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جي لاء به وڏي آزمائشجو مقام آھي.جيڪي اسرائيل سان تعلقات وڌائي رهيا آھن.ليڪن گڏ ئي امريڪا مخالف ڪيمپ سان پنهنجا مفاد به ڳنڍي رهيا آھنَ.انهن جي لاء پنهنجي پوزيشن چٽي ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي چڪو آھي.اهوئي امريڪا چاهي ٿو.هن وقت جيڪي عالمي طاقتون ۽ قومون فلسطين جي عوام جي حنايت ڪن ٿيون يا اهي چاهين ٿيون ته فلسطيني عواموڌيڪ اسرائيلي جارحيت جو شڪار نه ٿدئي.ا هن کي گهرجي ته اگي فوري جنگ بندي جي لاء ڪوششون ڪن.ڇاڪاڻ ته نه صرف فلسطيني عوام خاص طور کان غزه جي پٽي جو عوام دردناڪ صورتحال ۾ مبتلا آھي.بلڪ هن خطي ۾ امريڪا جي خلاف ٿيڻ واري صف بندي کي به تمام.گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو.اڪثر ڪري عرب ملڪ غير جهموري حڪومتن يا بادشاهت جي اثر هيٺ آھن.۽ انهن جو ڪافي عرصي کان امريڪا تي دارومدار آھي.اهي کلي ڪري فلسطين جي جنگ ۾ ٽپو نٿا ڏئي سگهن.جيڪڏھن شام جهڙو ملڪ ان جنگ ۾ ٽپي به پوي ته به نتيجا امريڪا ۽ سامراجي سرمائيدار قوتن جي حق ۾ ھوندا.مظلوم.فلسطينين کي وڌيڪ قهر ۽ عذاب کان بچائڻ جي لاء جنگ ب دي تي زور ڏنو وڃي.امريڪي ڊالر ۽ تيل جون قيمتون ڪرڻ جو عمل يوڪرين روس جنگ کانپوء اسرائيلي فلسطيني جنگ جي تحت روڪزڻ چاهي ٿو.مسلم دنيا ۾ اهو احساس ته پيدا ٿي چڪو آھي ته اسرائيل جي رياست هڪ حقيقت آھي.ليڪن اسرائيل ۽ ان پٺو سامراجي ملڪن ۾ هي احساس پيدا ڪرڻو آھي ته فلسطيني رياست به هڪ حقيقت آھي ..

پهنجو تبصرو موڪليو