استاد بخاري جي ڏوهٽي خود ڪشي ڪري ڇڏي، خط به ملي ويو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليڪ جي گرلز هاسٽل مان نوجوان شاگردياڻي ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ بابت اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي نوشين جي ڪمري مان خط مليو آهي، نوشين جي ڪلاس فيلو چوي ٿي ته  روم ميٽ ٻاھر وئي ٻن ڪلاڪن بعد آئي ته دروازو بند ھو. هن چيو ته خط کي في الحال ھٿ ناھي لڳايو  ويو والدين ايندا ته پوء ميڊيا آڏو ظاھر ڪنداسين، في الحال ڪجهه نه ٿا چئي سگهون جاچ ڪرڻ بعد ڪارڻ معلوم ٿيندا. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته نوشين سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي آهي، نوشين جو پيء هدايت علي شاھ لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو آهي، سندس چوڻ هو ته ڌيء کي ڪا به پريشاني نه هئي واقعو سمجهه کان ٻاهر آهي. انتظاميا هاسٽل کي سيل ڪيو آھي، سي ايم سي جي هاسٽل 4مان شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو. چوٿين سال جي شاگردياڻي جو لاش هاسٽل جي ڪمري اندر پيل،شاگردياڻين کي اندر اچڻ نه ڏنو ويو، چانڊڪا انتظاميا۾ ٿرٿلو، پوليس کي طلب ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو