ارب پتي تڪراري يهودي شخص جي عمران خان سان ملاقات، نئون ٽارگٽ؟

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سان اقوام متحده جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس دوران دنيا جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن ملاقاتون ڪيون آهن پر هڪ ملاقات اهم آهي. ارب پتي يهودي جارج سوروس جيڪو دنيا جي 120 ملڪن ۾ 32 ارب ڊالر عطيو  ڪري چڪو آهي، ان جي باوجود به دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کيس نفرت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪافي ملڪ مٿس ڪرنسي جي سٽيبازي سبب معيشتون تباهه ڪرڻ جو الزام به هڻن ٿا، ان جو آئنده ٽارگٽ عمران خان ۽ پاڪستان آهن.

جارج سوروس اوپن سوسائٽي فائونڊيشن جو سربراهه آهي ۽ ان پليٽ فارم تان دنيا ۾ فلاحي ڪم ڪندو آهي. فائونڊيشن جي وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري پاڪستان ۾ تعليم، ٽيڪس اصلاحات ۽ ٻين شعبن ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي ۽ جلد سندن وفد پاڪستان جو دورو ڪندو.

جارج سوروس ڪير آهي؟

هو ٻئي عالمي جنگ کان اڳ اوڀر يورپ جي ملڪ هنگري ۾ ڄائو ۽ هولو ڪاسٽ ۽ ڪميونسٽ حڪومت جي عذاب کان جان ڇڏائي ملڪ مان فرار ٿي آمريڪا پهتو. هو 40 سالن کان دنيا جي 120 ملڪن ۾ 32 ارب ڊالر فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به فلاحي ڪم ڪرن چاهي ٿو.

جارج سوروس ناپسنديده شخص ڇو آهي؟

هن تي ڏکڻ ايشيا کان ڏکڻ آمريڪا تائين اڪثر ملڪ تنقيد ڪن ٿا ۽ اهو الزام به لڳائين ٿا ته هن ڪرنسي جي سٽيبازي ذريعي ڪيترن ملڪن جي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. 1992 ۾ بئنڪ آف انگلينڊ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو هو ۽  برطانيا يورپي يونين مان نڪرڻ تي مجبور ٿيو. هن برطانوي پائونڊ وڏي پيماني تي خريد ڪيو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو. جنهن سبب پائونڊ جي قدر ۾ گهٽتائي آئي ۽ برطانوي معيشت بري طرح متاثر ٿي. ان سٽيبازي ۾ هن هڪ ارب ڊالر ڪمايا. جڏهن ته هڪ اندازي موجب مجموعي طور دنيا ۾ ڪرنسيز جي سٽيبازي ۾ هن 44 ارب ڊالرڪمايا آهن. 27 آڪٽوبر 2018 تي آمريڪي سفيد فام نوجوان يهودين تي حملو ڪري 11 ڄڻا قتل ڪيا جيڪو آمريڪا ۾ يهودين خلاف تشدد جو وڏو واقعو آهي.

قاتل پوليس کي بيان ڏنو ته يهودي سفيد فام آمريڪين جي نسل ڪشي چاهين ٿا ۽ جارج سوروس ان سازش جو حصو آهي تڏهن يهودين کي قتل ڪيم. ترڪ صدر رجب طيب اردوغان به چوي ٿو ته جارج سوروس ان يهودي سازش جو حصو آهي جنهن هيٺ هو ترڪي کي ورهائڻ چاهن ٿا.  اٽلي جي نائب وزيراعظم ميتو سيلوني الزام لڳايو هو ته سوروس اٽلي ۾ تارڪين وطن وڏي تعداد ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ڇو ته هو غلامن کي پسند ڪندو آهي. برطانوي ليڊر نائيجل چيو هو ته جارج سوروس يورپ ۾ ٻاهرين ماڻهن جو سيلاب ڏسڻ چاهي ٿو جيئن يورپ جو حليو ئي بگڙجي وڃي. هن تي لڳندڙ الزام پنهنجي جاءِ تي پر اوپن سوسائٽي فائونڊيشن اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته هو دنيا ۾ جموريت، امن، تعليم ۽ انساني حقن جهڙن عظيم مقصدن بابت ڪم ڪندا آهن ان تي اربين ڊالر خرچ به ڪندا آهن. ان تڪراري شخص جي عمران خان سان ملاقات، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امدادي ڪم ڪرڻ جي  خواهش پٺيان ڪهڙو راز آهي، ان بابت ايندڙ وقت ۾ ئي خبر پوندي ته سندس ٽارگٽ ڇا آهي. (بشڪريه بي بي سي)

پهنجو تبصرو موڪليو