اداڪار علي انصاري ۽ صبور علي شادي ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ هن وقت شادين جو سيزن آهي، پهريان مريم انصاري ۽ اريبا حبيب جي شادي جون ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ هاڻي حبا بخاري ۽ صبور علي جي اوچتو شادي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. صبور ۽ علي کي شوبز جي مقبول ترين جوڙي مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. اداڪار جوڙي جي شادي جون ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ تصويرون منظر عام تي اچي ويون آهن جن ۾ صبور پنهنجي مرحوم ماءُ کي ياد ڪندي مراقبو ڪندي ڏٺو ويو، جڏهن ته گهوٽ ۽ ڪنوار خوشيءَ سان دوستن سان ڪچهري ڪندي نظر آيا. شادي کان پوءِ صبور شادي بعد پنهنجي انسٽاگرام پروفائل تي نالي جي پويان انصاري شامل ڪيو آهي، هن پنهنجو نالو صبور علي کان بدلائي صبور علي انصاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو