screen shot: fece book photo

اداڪار حمزه علي عباسي شوبز جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار حمزه علي عباسي شوبز انڊسٽري کي الوداع ڪري ڇڏيوآهي. ادڪار حمزه علي عباسي هلندڙ سال جي 12 آڪٽومبر تي سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو هو ته هاڻي هو جلد هڪ اهم اعلان ڪرڻ وارو آهي. جنهن کان پوءِ هو گهڻي عرصي لاءِ پنهنجي وڊيو ۾ ادڪاري کان ڪناره ڪشي جو فيصلو ڪيو. پنهنجي وڊيو جي شروعات ڪندي حمزه علي عباسي دير سان اهڙو اعلان ڪرڻ تي معذرت ڪندي چيو ته هي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان اهم وڊيو آهي. حمزه علي عباسي سڀ کان پهرين وڊيو ۾ الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪيا ۽ ان کان پوءِ مداحن پاران ملندڙ پيار کي ساراهيو ۽ بي انتها عزت ڏيڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. ويڊيو ۾ ماضي جي ڪهاڻي شيئر ڪندي اداڪار ٻڌايو ته هو 14 سالن جي عمر ۾ دين کان پري ٿي ويو هيس پر هاڻي پنهنجي سڄي زندگي دين جون ڳالهيون ڪندي گذارڻ چاهيان ٿو. حمزه علي عباسي وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي زندگي خدا ۽ هن زندگي کان پوءِ واري زندگي تي ڳالهيون ڪندي گذارڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو