اداڪارا صبور علي ۽ علي انصاري جي شادي جون تقريبون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا صبور علي ۽ اداڪار علي انصاري جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن. علي انصاري انسٽاگرام تي صبور ۽ پنهنجي  هڪ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي شادي جي تقريب جي شروعات بابت آگاهي ڏني آهي. هن تصوير ۾ صبور کي پيلي رنگ جي لباس ۾ گجرا پاتل آهن جڏهن ته علي انصاري کي سفيد لباس جي مٿان ڳاڙهي شال پهريل نظر اچي رهيو آهي. انسٽاگرام تي صبور ۽ علي انصاري جي مائرن جون مختلف وڊيوز به وائرل ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو