احساس وظيفا پروگرام ۾ هڪ ڪروڙ ٻار فائدو حاصل ڪندا، نشتر

ملتان(اي پي پي)وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي  بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته احساس اسڪالر شپ مستحق شاگردن تائين پهچايون، اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهي  شاگرد جيڪي احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالر شپ ۾ حصو وٺي رهيا آهن انهن کي مڪمل آگهي هجي. هن چيو ته احساس وظيفا پروگرام تحت هڪ ڪروڙ ٻار فائدو حاصل ڪندا.

Senator Sania Nishtar address Bahauddin Zakria University, Multan

هن چيو ته هن پروگرام ۾ شاگردياڻين لاءِ 50 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي. هن سال هڪ لک 22 هزار کان وڌيڪ اسڪالر شپ جون درخواستون مليون آهن جن مان 50 هزار درخواستون ڇوڪرين پاران جمع ڪرايون ويون آهن، هن چيو ته هر سال 40 هزار ٻارن کي اسڪالرشپ ڏنيون وينديون آهن. شاگردن پروگرام جي واکاڻ ڪندي مطالبو ڪيو ته هاسٽل جي سالياني فيس جيڪا 25 کان 30 هزار آهي ان کي به اسڪالرشپ ۾ شامل ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو