آمريڪي ڪانگريس ميمبر مائيڪ ليون جو عمران خان سان رابطو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس ميمبر مائيڪ ليون پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.ذريعن موجب ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس ميمبر عمران خان سان پاڪستان جي سياسي صورتحال تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن فون تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي مبينا پوليس تشدد ۽ صحافين جي حراست بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته عمران خان مائيڪ ليون سان سڪيورٽي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو