Daily Sindhyar Daily Sindhyar Karachi |
آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائيل حملو ڪيترائي زخمي https://www.dailysindhyar.com/%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%8a-%d9%81%d9%88%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%da%8f%d9%8a-%d8%aa%d9%8a-%d9%85%d9%8a%d8%b2%d8%a7%d8%a6%d9%8a%d9%84-%d8%ad%d9%85%d9%84%d9%88-%da%aa%d9%8a%d8%aa%d8%b1%d8%a7%d8%a6/ |
بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن مٿان راڪيٽ حملي ۾ فوجي زخمي ٿي پيا آهن. جن مان 5 آمريڪي ۽ اتحادي فوج ۽ 2 عراقي فوجي آهن. زخمين جي قوميت بابت ناهي ٻڌايو ويو. ڇنڇر تي 11 وڳي ٿيل حملي ۾ 25 راڪٽ فائر ڪيا ويا جيڪي 107 ايم ايم جا آهن. آمريڪي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪجهه راڪٽ رهائشي علائقي ۽ ڪجهه بيس م ڪريا آهن. عراق جي اتر ۾ واقع تاجي نالي ڪيمپ تي هي حملو ٿيو آهي. عراق جي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڪيترائي فوجي زخمي آهن جن مان ڪفي فوجين جي حالت نازڪ آهي. هن ان باري م وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا. گذريل اربع تي به هن ڪيمپ تي حملو ٿيو هو جنهن م برطانوي فوجي مارجي ويو هو ۽ شڪ آهي ته حملي ۾ ايران جي حمايت يافته حزب الله مليشيا ملوث آهي.