آمريڪا ۽ يورپ ۾ اومي ڪرون ۾ واڌ، ڀارت ۾ ڪرفيو لاڳو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ او مي ڪرون تيزي سان وڌڻ لڳو، نيو يارڪ شهر جي اسپتالن ۾ وائرس سبب متاثر ٻارن جو تعداد چئوڻ تي وڌي ويو آهي. نيو يارڪ جي اسپتال ۾ داخل ٿيل اڌ ٻارن جي عمر 5 سالن کان گهٽ آهي ۽ انهن کي ويڪسين به نه ٿي لڳي سگهي. آمريڪا ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ به گهٽتائي ٿي آهي، شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن.ٻئي طرف برطانيا سميت يورپي ملڪن ۾ به اومي ڪرون ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي.نئين دهلي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب اڄ کان نائيٽ ڪرفيو جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڪرفيو رات 11 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين جاري رهندو. ان کان علاوه سعودي عرب 16 سالن جي ٻارن کي بوسٽر ويڪسين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو