آصف زرداري خلاف تڪراري بيان ڪيس: شيخ رشيد عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف تڪراري بيان ڪيس ۾ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف شيخ رشيد جي تڪراري بيان واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت شيخ رشيد کي اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.گذريل ٻڌڻي تي شيخ رشيد صحت جي خرابي سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو.ٻڌڻي جي شروعات تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا شيخ رشيد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي؟ ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته شيخ رشيد خلاف ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.شيخ رشيد عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو وڪيل اڄ سپريم ڪورٽ ۾ آهي ان ڪري اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.جنهن بعد عدالت شيخ رشيد کي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو