آسٽريليا ويشت انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گروپ ون ۾ پنهنجي ٻيو نمبر پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي آهي. ڪرس گيل ۽ عقيل حسين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڊيوڊ وارنر 65 بالن تي 89 رنز ٺاهي ناٽ ائوٽ رهيو ۽ پليئر آف دي ميچ بڻيو. مچل مارش 32 بالن تي 53 رنز اسڪور ڪري گيل جي بال تي ڪيچ ٿيو، هو واپس وڃي رهيو هو ته گيل کيس پويان ڀاڪر پا؟ي ڄڻ معذرت پيو ڪري. ان کان اڳ آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ابوظهبي ۾ کيڏي ويندڙ 38هين ميچ ۾ آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪيرن پولارڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ويسٽ انڊيز 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 157 رنز اسڪور ڪيون، ڪپتان ڪيون پولارڊ 44 رنز ـاهي نمايان رهيو، ڪرس گيل 15، ايون ليوائس 29، سائمن 27 رنز ٺاهي نمايان رهيا. واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ گروپ ون جون ٻه ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، پهرين ميچ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جڏهن ته ٻي ميچ ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي. هن وقت گروپ ون ۾ انگلينڊ پهرين، آسٽريليا ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي. جڏهن ته گروپ ون ۾ ويسٽ انڊيز، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جو سيمي فائنل تائين پهچڻ جو خواب ڱڪنا چور ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو