آسٽريليا 5 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

دبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران 176 رنز جي جواب ۾ آسٽريليا 19 اوورز ۾ 5 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي. ان کان اڳ آسٽريليا بيٽنگ شروع ڪئي ته ايرون فنچ شاهين آفريدي جي پهرين بال تي زيرو تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو ۽ پاڪستان پهرين ئي اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪيو.

جنهن بعد عماد وسيم جي ٻن اوورز ۾ 22 رنز ٺهيون، شاهين وڪيٽ وٺڻ سان گڏ ٻن اوورز ۾ 8 رنز ڏنيون. آفريدي جي ٻئي اوور ۾ مارش ايل بي ڊبليو ٿيو امپائر آئوٽ نه ڏنو رويو ۾ به آئوٽ نظر آيو پر لائن کان ٻاهر هئڻ ڪري امپائر جي ڳالهه رکي وئي. پنجون اوور حارث رئوف ۽ ڇهون اوور حسن علي ڪرايو، پاور پلي ختم ٿيڻ تي 52 رنز ٺهي چڪيون هيون. ستون اوور شاداب ڪرايو ۽ مارش جي وڪيٽ ورتي کيس آصف ڪيچ ڪيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 23 اسڪور ڪيو. آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ هڪ تي ڪري ٻئي وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 51 رنز ٺاهيون. ڊيوڊ وارنر چوڪا ڇڪا هڻندو رهيو ۽ 77 تي ٽئين وڪيٽ ڪري شاداب ٻئي اوور ۾ پهرين اوور جيان وڪيٽ ورتي.شاداب خان ٽئين اوور ۾ خطرناڪڪ پليئر ڊيوڊ وارنر کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرائي هر اوور ۾ هڪ وڪيٽ وٺڻ ج رڪاقرڊ قائم ڪيو، آسٽريليا10.1 اوور ۾ 89 تي 4 آئوٽ هئا. جنهن بعد عماد اوور ڪرايو صرف 3 رنز ڏنيون ان بعد ساداب آخري اوور ۾ چوٿين وڪيٽ ورتي گلين ميڪسويل جي ورتي جنهن 10 بالن تي 7 رنز ٺاهيون ۽ حارث رئوف هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد اسٽوئنز آيو، جنهن خطري جي گهنٽي وڄائي، اڳم حسن علي ۽ بعد ۾ حارث رئوف کي ڇڪو ۽ چوڪو هنيو ۽ 17 اوورز پورا ٿيڻ بعد 18 بالن تي 38 رنز گهربل هئا آسٽريليا کي. ارڙهن اوور حسن علي ڪرايو، ويڊ ۽ اسٽوئنز 32 بالن تي 52 جي پارٽنرشپ ٺاهي،.

حسن علي 16 رنز ڏنيو هن اوور ۾، آخري ٻن اوورز ۾ 22 رنز گهربل هيون، 19هين اوور ۾ شاهين آفريدي کي لڳاتار 3 بالن تي 3 ڇڪا لڳا، ويڊ جنهن جو ٽئين بال تي حسن علي ڪيچ ڊراپ ڪيو تنهن هڪ اوور باقي هو ته ميچ کٽي فائنل ۾ ٽيم کي پهچايو ۽ پاڪستان 34 سالن کان ناڪ آئوٽ اسٽيج ۾ آسٽريليا کان سڪسٽ کائڻ جو رڪارڊ برقرار رکيو.

سمٿ 6 بالن تي 5 ٺاهي شعيب ملڪ هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ميڪسويل آيو. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. محمد رضوان ۽ بابر اعظم پاڪستاني اننگ جي شروعات ڪئي. پاڪستان بنا نقصان جي 50 رنز جي اوپننگ پارٽنرشپ مڪمل ڪري ورتي. پاور پلي جي 6 اوورز ۾ پاڪستان 47 رنز ٺاهيون آهن ڀارت خلاف 43 رنز ٺاهيون هيون. رضوان جو ميڪسويل جي بال تي بائونڊري لڳ ڊيوڊ وارنر ڪيچ ڊراپ ڪيو. بابر اعواڻ هر اوور ۾ هڪ اڌ چوڪو هڻندو رهيو۽ هن مارش کي چوڪو هڻي ٽي ٽوئنٽي ۾ 2500 رنز به مڪمل ڪيا.

ڏهين اوور ۾ بابر اعظم زيمپا جي بال تي هٽ هڻندي بائونڊري تي وارنر هٿان ڪيچ ٿيوهن 5 چوڪا هنيا ۽ 34 بالن تي 39 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ پاڪستان جي 71 تي پهرين وڪيٽ ڪري. پاڪستان 11 اوورز مڪمل ٿيڻ تي 75 تي هڪ آئوٽ هو. گلين ميڪسويل ۽ زيمپا بيٽسمين کي پريشان ڪيو. ٻارهين اوور ۾ زيمپاکي ڇڪو ۽ چوڪو لڳاتار هڻي رضوان پريشر رليز ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ هڪ هزار رنز هڪ سال ۾ مڪمل ڪيا. رضوان چوڏهين اوور ۾ هيزلووڊ کي ڇڪو هڻي سنگل وٺي ففٽي ڪئي.

. اسٽارڪ جي بال تي رضوان 52 بالن تي 67 رنز تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد فخر ڇڪو ۽ چوڪو هنيو پر آصف علي پهرين بال تي اونچي شاٽ کيڏي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شعيب ملڪ آيو، فخر به آصف جي پوزيشن تي شاٽ کيڏيو پر سمٿ کان ڪيچ ڊراپ ڪيو، شعيب ملڪ به زيرو تي بولڊ ٿيو، جنهن بعد آخري 4 بال کيڏڻ حفيظ آيو جنهن سنگل ورتي چوٿين ۽ پنجين بال تي فخر لڳاتار اسصٽارڪ کي ٻه ڇڪا هڻي ففٽي مڪمل ڪئي. پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاهي سگهيو. فخرالزمان 4 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان32 بالن تي 55 رنز ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو