آرمي چيف جي مدت، حڪومتي کيل خراب ڪنهن ڪيو؟ اعجاز مهر

آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو قانوني حل ڳولڻ لاءِ حڪومت جيڪا قانون سازي ڪرڻ چاهي پئي اها سندن خواهش موجب ڇنڇر تي نه ٿي سگهي. اوچتو حڪومت پارليمان جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيا. جنهن جو مک سبب اپوزيشن جو پلٽو کائڻ آهي.جنهن نموني ميڊيا تي اپوزيشن کي سخت تنقيد جو نسانو بڻايو ويو ۽ اهو جملو هر ماڻهو جي زبان تي هو ته “ووٽ کي عزت ڏيو” واري نواز ليگ جو نعرو  “بوٽ کي عزت ڏيو” ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جنهن بعد بيمار ميان نواز شريف سياسي غيرت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پارٽي اڳواڻن تي ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جا اڪثر ميمبر جيڪي قومي مفاد ۾ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي قانونن ۾ ترميم لاءِ بيتاب هئا اهي سڀ هڪ دٻ ۾ چپ ڪري ويا آهن. مسلم ليگ (ن) وارن شهباز شريف جي چوڻ تي پارليماني پارٽي جو اجلاس گهرائي غير مشروط طور تي حڪومت جي قانون سازي جي حمايت جو اعلان ڪيو جنهن بعد پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ ساڳئي حڪومتي ٽيم پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرادري وٽ پهتي ۽ هن ساڻن شرط رکيو ته پارليماني رولز معطل نه ٿيڻ گهرجن جيڪڏهن هي بل اهم آهي ته جمهوريت ان کان وڌيڪ اهم آهي. جنهن بعد ميان نواز شريف به بلاول وارو موقف اختيار ڪندي پارٽي کي هدايت ڪئي ته جلد بازي ۾ بل پاس نه ڪريو.

file photo

ميان صاحب جي اها ڳالهه سندس پارٽي جي اڪثر ميمبرن کي نه وڻي ۽ اندرون خانه حڪومت سان ها ۾ ها ملائيندا رهيا ۽ جڏهن سڀ ڪجهه تيار ٿي ويو، ايجنڊا معطل ڪري چند منٽن ۾ بل ايوان ۾ پيش ڪري ڪميٽي کي موڪليا ويا. ڪميٽي جو به تڪڙ م جمعي نماز بعد اجلاس گهرايو ويو جنهن ۾ تمام ٿوري نمائندگي رکندڙ جميعت علما اسلام (ف) ۽ جماعت اسلامي جي نمائندن اعتراض ڪيو. مولانا فضل الرحمان ۽ سراج الحق کلم کلا بل جي مخالفت جو اعلان ڪيو ته يقين ئي نه پئي آيو ته “ملا ملٽري الائنس” جا ازلي اتحادي ايئن ڪري سگهن ٿا. هنن جي پارليماني حيثيت ڏسندي حڪومت ۽ اپوزيشن سندن ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته مولانا جي ڏوراپن نيٺ رنگ لاتو ۽ سندس پيغام نواز شريف تائين پهتو جنهن عين وقت تي مداخلت ڪري پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ڇنڊ پٽي ۽ حڪومتي خواب چڪنا چور ٿي ويا ۽ مجبورن کين ڇنڇر تي سڏايل اجلاس ملتوي ڪرڻا پيا. ڇو ته قومي اسمبلي ۾ عمران خان جي حڪومت کي بطاهر ته اڪثريت آهي پر جمعي واري اجلاس ۾  50 کان مٿي سندن ممبر غائب هئا. حڪومت کي اپوزيشن تي ڏيڍ درجن ميمبرن جي اڪثريت ته حاصل آهي پر ڪافي تعداد ۾ سندن ميمبر ناراض آهن. 17 مهينن ۾ اڪثريت کي ڪجهه ناهي مليو ٻيو ته ٺهيو پر ساڻن وزيراعظم ملاقات ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. ڪو وزير ڪنهن ميمبر جو ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب حڪومت کي اپوزيشن جي مدد کانسواءِ بل منظور نه ڪرائي سگهڻ جو يقين ٿي ويو ۽ کين اهو ڊپ به لڳو ته جيڪڏهن سادي اڪثريت سان بل پاس نه ٿي سگهيو ته اهو سندن حڪومت خلاف عدم اعتماد هوندو ۽ اهو ئي سبب آهي ته هنن اجلاس ملتوي ڪرڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. ڇو ته قومي اسمبلي جي ڪل 342 ميمبرن مان 158 ميمبر اپوزيشن ۾ آهن جن ۾ مسلم ليگ (ن) 84، پيپلز پارٽي جا 55، جي يو آءِ (ف) جا 14، جماعت اسلامي ۽ آزاد ٻه ٻه ميمبر ۽ هڪ اي اين پي جو آهي. جڏهن ته 184 ميمبر حڪومت ۾ آهن جن م پي ٽي آءِ جا 157، ايم ڪيو ايم جا 7، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) جا پنج پنج، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل 4، ۽ آزاد 4 ميمبر شامل آهن. ساڳئي نموني سينيٽ ۾ 104 ميمبرن مان 65 اپوزيشن ۾ آهن باقي 39 حڪومتي بينچن تي آهن. انهن ۾ فاٽا جا جيڪي 8 آهن انهن ۾ ڪجهه مولانا جا ماڻهو آهن. اپوزيشن جي تعاون کانسواءِ يا گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ (ن) جي حمايت کانسواءِ ممڪن ئي ناهي ته حڪومت ڪنهن به ايوان مان بل سادي اڪثريت سان منظور ڪرائي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو