آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ، بابر ٽاپ تي رضوان جي ترقي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ آءِ سي سي رانديگرن جي نئين ٽي 20 رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي جي ٽي 20 رانديگرن جي رينڪنگ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهرين پوزيشن تي برقرار آهي پر سندس ريٽنگ پوائنٽس 839 مان گهٽجي 809 ٿي ويا آهن. رانديگرن جي نئين رينڪنگ موجب انگلينڊ جو ڊيوڊ ملن 805 رينڪنگ پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ايڊن مرڪرم به ٽئين نمبر تي آهي.  پاڪستان جو محمد رضوان هڪ درجو مٿي چڙهي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جو فخر زمان 35 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرز جي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جو ونندو هسرنگا پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته تبريز شمسي، ايڊم زيمپا ۽ عادل رشيد بالترتيب ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن. رينڪنگ ۾ پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي هڪ درجو مٿي ٿيڻ بعد 11هين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته شاداب خان 2 درجا هيٺ لهي 14هين نمبر تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو