آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٻوڏ بابت خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري( آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ ٻوڏ بابت خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٻوڏ بابت خرچن جي تفصيلن سميت بحالي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي نئين سري سان تعمير تي ايندڙ خرچن جا تفصيل گهري ورتا آهن.ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سري سان تعمير تي هلندڙ سال ڪيتري رقم خرچ ٿيندي،؟ نئين سري سان تعمير ۾ آبادڪاري جي لاءِ ڪيترا منصوبا شامل آهن؟آءِ ايم ايف طرفان طلب ڪيل تفصيلن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گهرن ۽ روڊن جي نئين سري سان تعمير تي خرچن جا ڌار ڌار تفصيل ڏنا وڃن.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ايندڙ هفتي سمورا تفصيل آءِ ايم ايف کي ڏيندي. تفصيل ڏيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو