آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي، هر مهيني 4 روپيا پيٽرول وڌندو، ترين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي ناڻي بابت مشير شوڪت ترين عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) سان معاهدو ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فنڊ مان هڪ ارب ڊالر ملندا پر اسانکي ڪووڊ فنڊز جي آڊٽ، هر مهيني پيٽروليم ليوي ۾ 4 روپيه واڌ ڪرڻ سميت 5 اهم شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ توانائي واري وزير حماد اظهر سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف مان هڪ ارب ڊالر ملڻ بعد هنن وٽان ڪل 3 ارب ڊالر جو قرض پهچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) جي مد ۾ 4 رپيا هر مهيني وڌائڻا پوندا،  جيئن اها 30 روپين تائين پهچي. جنرل سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ، ڪووڊ جي فنڊز بابت آديٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان جي بينيفيشل اونر شپ ٻڌائڻي پوندي. اسٽيٽ بئنڪ جي قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. خرچ گهٽائڻا آهن، مالياتي نظم و ضبط بهتر ڪرڻ، توانائي جي شعبي تي وڌيڪ ڌيا ڏيڻ سميت ڪافي اپاءَ وٺڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو