آءِ آر سي جي سهڪار سان ثقافتي تقريب، ٽيبلوز پيش

بوزداروڏا (حسين ٽانوري) گورنمينٽ ھاءِ اسڪول بوزدار وڏا ۾ آءِ آر سي جي سھڪار سان پنج ھزار سال پراڻي سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ رنگا رنگي تقريب ٿي گذري. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي جنھن جو شرف حافظ شھزاد ڀٽي حاصل ڪيو.  جنھن کانپوءِ سنڌ جي ڀلوڙ صوفي راڳي مرحوم سھراب فقير جي پٽ سلامت فقير ۽ ان جي سُنگ قومي گيت “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير معيار ۽ ٻيا ڪلام ڳائي پنڊال ۾ ويٺل شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ والدين کي جھومائي ڇڏيو.

تقريب ۾ دعا فاطما، ام رباب، ام فروا، آصفه شاهه، علينا گل، سميع اللّه، صباگل۽ ٻين قومي گيت بھترين انداز ۾ ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻھن کي لطف اندوز ڪيو. تقريب ۾ شريڪ مھمانن سياسي سماجي اڳواڻن فيض علي ڏھر، استاد منظور ٽانوري، ھاءِ اسڪول جي اڳوڻي ھيڊ ماستر ربنواز ٻٻر، الھوڌايو خان بوزدار، منير حسين بوزدار، علينواز بوزدار ۽ ٻين طرفان خوب داد وصول ڪيو. ان موقعي تي پروگرام ۾ شريڪ مھمانن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ثقافت کي ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ثقافت ڏھاڙو ملھائڻ تي سنڌي ميڊيا کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سدائين اھڙا پروگرام ادارن ۾ ٿيندا رھن ته جيئن اسانجي ايندڙ نئين نسل کي خبر پوي ته اسان جي سنڌي ثقافت آھي ۽ اسان کي فخر آھي ته اسين ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪي واري ثقافت جا وارث آھيون ۽ پيغام ڏيندي چيو ته ثقافت سان گڏوگڏ تعليم جي بھتري ۽ ثقافت کي وڌيڪ پروموٽ ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو