ڪتابن ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ(برڪت علي چانڊيو) خيرپور ناٿن شاھ جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ لڌاڻ جي مين پرائمري اسڪول ۾ ڪتاب ۽ فرنيچر نه ھجڻ ڪري شاگردن پاران احتجاج ڪيو ويو. شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ڪتاب ٻوڏ سبب لڙھي ويا آھن ۽ اسڪول جو فرنيچر مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي اسان پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪيون ٿا ڳوٺ لڌاڻ جيڪو چار ھزار آبادي رکندڙ ڳوٺ آھي جنھن کي ڪيترائي ڳوٺ لڳن ٿا ان جي مين پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي تمام سخت ضرورت آھي. وڌيڪ استادن ۽ شاگردن ڳالھائيندي چيو ته ٻوڏ جي ڪري اسڪول جي عمارتن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي فرنيچر ڀڄي ڀۡري لڙھي تباھ ٿي ويو آھي فرنيچر نه ھئڻ ڪري استادن ۽ شاگردن کي تمام گھڻي پريشاني جو منھن ڏسڻو پوي ٿو. ھنن ڊي سي دادو ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر تعلقي ڪي اين شاھ جي ھن مين پرائمري اسڪول لڌاڻ تي رحم کائي اسڪول کي تمام جلد فرنيچر ڏئي شاگردن ۽استادن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو