معذورن جي ڪوٽا تي نوڪرين جا انٽرويو جاري

نواب شاھه (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)ڊسٽرڪٽ سليڪشن ڪميٽي شهيد بينظيرآباد پاران ٻئي ڏينهن پڻ گريڊ هڪ چار تائين جي نوڪري لاءِ 5 سيڪڙو مقرر ڪيل ڪوٽا تحت خصوصي ماڻهن (معذورن ) کان ڊي سي آفيس ۾ انٽرويو ورتا ويا ان موقعي تي ڪميٽي جي چئيرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ ،سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي جي نمائندي اشرف علي انصاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سليم جتوئي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري سيد مجاهد حسين سميت ٻين ڪميٽي ميمبرن پاران خاص ماڻهن کان انٽرويو ورتو ويو جنهن دوران تعليمي سرٽيفڪيٽن سميت ٻين ڪاغذن جي جانچ پڙتال پڻ ڪئي وئي. ضلع جي 600 کان وڌيڪ معذور ماڻهن پاران نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ويون هيون انٽرويو ۾ ضلع جو ڊوميسائيل رکندڙ 400 کان وڌيڪ اميدوارن انٽرويو ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو