سنڌ ڪلچر ڊي جي حوالي سان سنڌ ۾ تقريبون جاري

محراب پور(ن سنڌيار) سنڌ جي مختلف شهرن جيان تعلقي محراب پور جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ به ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ٻارن ۾ جنرل ڪوئيز ڪامپيٽيش جي مقابلي واري هڪ تقريب گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير خان لنڊ ۾ ٿي جنهن ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر حاڪم علي ميمڻ صاحب پروفيسر ضمير حسين شيخ صاحب ڊي اي او سيميز ۽ پلاننگ خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو صاحب پ ٽ الف اڳواڻ استاد روشن علي سهتو عبدالخالق ٽانوري گسٽا اڳواڻ استاد فدا حسين سولنگي تعلقه مانيٽرنگ آفيسر توقير علي ميمڻ عمران نانگراج استاد غلام اڪبر خواجه محمد اشرف لنڊ غازي خان عامر عشرت حسين سهتو مختيار حسين موجائي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي شاگردن ۽شاگردياڻين حمد نعت ۽ تعليم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان سان خاقا پيش ڪيا ان موقعي تي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير خان لنڊ، ٻين پوزيشن گورنمينٽ پرائمري اسڪول صالح سهتو ۽ ٽين پوزيشن گورنمينٽ پرائمري اسڪول نور محمد عامر کٽي ورتي حصو وٺندڙ ٻارڙن کي ٽرافيون ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا. جڏھن ته تقريب ۾ آيل مهمانن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي خوشحالي تعليم کان سواءِ ناممڪن آهي. نون استادن جي اچڻ سان اميد پيدا ٿي آهي ته سنڌ ۾ تمام جلد تعليمي انقلاب ايندو. آخر ۾ استاد غلام اڪبر خواجه استاد اشرف لنڊ استاد عشرت حسين سهتو ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا ۽ آيل مهمانن کي تحفا پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو