ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهڻ ۽ تباهه ٿيل ڍانچو بحال ڪبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي پر اها ترقي تڏهن تيز ٿيندي جڏهن ملڪ جي انفراسٽرڪچر خاص ڪري توانائي، تعليم، صحت ۽ ووڪيشنل ٽريننگ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ٿيندي ۽ پوءِ هي ملڪ معاشي محاذ تي دنيا جي ٻين وڏين معيشتن سان مقابلو ڪندو. اسان جي ملڪ جي آبادي 200 ملين کان مٿي آهي ۽ 2025 تائين اسان وٽ 100 ملين وچولي طبقي جا ماڻهو هوندا جنهن سان پاڪستان دنيا جو 10 نمبر وڏو مڊل ڪلاس ملڪ بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ فارن سروس اڪيڊمي اسلام آباد جي فارن ڊپلوميٽس جي جونيئر ڊپلوميٽڪ ڪورس جي 18 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. سنڌ جي حوالي سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي (سنڌ) پنهنجي تاريخ جي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ جي سخت برساتن مان اهو واضح ٿي چڪو آهي. تيز برساتن وگهي هيستائين 780 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 332 ٻار، 304 مرد ۽ 144 عورتون شامل آهن. پي ڊي ايم اي جي Sit-Rep جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اٽڪل 18 لک گهرن کي جزوي ۽ مڪمل نقصان پهتو آهي جڏهن ته 3.7 ملين ايڪڙ فصل تباهه ٿي آهي ۽ 23 ضلعن جي 1330 يونين ڪائونسلن کي نقصان ۽ وڏا روڊ رستا تباهه ٿيا آهن. پلن، اسپتالن ۽ اسڪولن کي پڻ گهڻو نقصان پهتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت رليف ۽ ريسڪيو آپريشن ڪيو. هن چيو ته اهم امدادي شيون جهڙوڪ خيما (427 ملين)، راشن بيگز (1.42 ملين) ۽ مڇرداڻيون (1.807 ملين) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فراهم ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ورلڊ بئنڪ سان پڻ گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ تباهه ٿيل گهرن جي بحالي ۽ تعمير لاءِ هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپني قائم ڪئي آهي. ڪراچي بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي پاڪستان جو مالياتي مرڪز ۽ بندرگاهه هجڻ سبب دنيا جو ستين نمبر وڏو شهر آهي. صنعت ۽ واپار جي ڪاميابيءَ جو دارومدار خاص طور تي ٻن اهم معيارن تي آهي: هم آهنگي ۽ واپاري مرڪزن تائين پهچ جيڪي سنڌ کي ڪراچي سميت ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي هڪ مثالي ڪاروباري مرڪز بڻائين ٿا. سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي خاص موقعن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت 1530 ايڪڙ ايراضي تي ڌاٻيجي ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪري رهي آهي جيڪو پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت ترجيحي منصوبو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو پروجيڪٽ امڪاني سيڙپڪارن کي نئين اداري قائم ڪرڻ يا انهن جون سهولتون ڌابيجي SEZ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن اها به نشاندهي ڪئي ته هن منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ترقي ڏني وئي آهي ۽ اهو ڪجهه سالن ۾ لکين يو ايس ايس جي صنعتي پيداوار ۽ اٽڪل هڪ لک نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ تيار هوندو. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سيڙپڪاري جي سفارش تي ٻن نون اقتصادي زونن جي منظوري ڏني آهي، هڪ نئون شهروفيروز انڊسٽريل پارڪ آهي جيڪو وفاقي حڪومت جو منصوبو آهي ۽ نيشنل انڊسٽريل پارڪ تيار ڪري رهي آهي جڏهن ته ٻيو ڀولاري اسپيشل اڪنامڪ زون جيڪو پاڪستان جو پهريون خانگي شعبي تحت اسپشل اڪنامڪ زون آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه خيرپور اسپشل اڪنامڪ زون اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ صنعتي يونٽن کي ترجيحي بنيادن تي قائم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير سنڌ ايجوڪيشن سٽي پروجيڪٽ سميت ٻين مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي رٿابندي 8921 ايڪڙ ايراضيءَ تي ڪئي وئي ۽ اها سندس حڪومت جي خاصيت آهي ته هو نوجوانن کي علم، هنر ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪندي ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد منڱڻيجو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي جڏهن ته پرڏيهي سفيرن جي وفد جي اڳواڻي ايف ايس اي اسلام آباد جي ڊائريڪٽر عرفان شوڪت ۽ پروگرام آفيسر محمد امين ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو