ميرا پنهنجي خوبصورتي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪارا ميرا پنهنجي خوبصورتي جو سبب پاڪيزگي ۽ خوش مزاجي کي قرار ڏئي ٿي. ميرا جي هڪ عورت صحافي سان ڳالهه ٻولهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ عورت صحافي سوال ڪيو ته تون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خوبصورت ٿيندي پئي وڃي، تنهنجي خوبصورتي جو راز ڇا آهي؟ جنهن تي ميرا چيو ته منهنجي خوبصورتي جو سبب سٺي سوچ، سٺو اخلاق ۽ پاڪيزگي آهي. ميرا اهو به چيو ته ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ مدد وٺڻي آهي، مان سٺي انسان آهيان، پاڪدامن آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو