پوليو ڊيوٽي، پوليس وين تي خود ڪش حملو 2 فوت 24 زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي اهلڪار ۽ شهري زخمي ٿي پيا. ڪوئيٽا پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) اظفر مهيسر موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪي ۾ 20 پوليس اهلڪار ۽ 4 شهري زخمي ٿيا آهن. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي حملو هو جنهن ۾ 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، پوليس اهلڪار پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ روانا ٿيڻ وارا هئا. هن چيو ته ڌماڪي ۾ ڪل 3 گاڏين کي نشانو بڻايو ويو، هڪ پوليس ٽرڪ، هڪ سوزوڪي مهراڻ ۽ هڪ ٽويوٽا ڪرولا ڪار متاثر ٿي. هن چيو ته سيڪورٽي سخت ڪري تلاشي ورتي پئي وڃي. زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو