ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي. تازو ئي وزيراعظم 6 سينيئر آفيسرن جي سمري مان جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي. ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد آرمي چيف جي مقرري کانپوءِ وقت کان اڳ رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو پر وفاقي حڪومت سندس رٽائرمينٽ جي درخواست جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) موڪلي ڇڏي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد لکت ۾ استعيفيٰ ناهي ڏني، هن پنهنجي جلد رٽائرمينٽ بابت زباني آگاهه ڪيو هو پر سندس خواهش مڃي وئي ۽ هن ڪجهه ڏينهن اڳ جلد رٽائرمينٽ ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو