موٽر وي گهپلو، ڊي سي کانپوءِ اسٽنٽ ڪمشنر به گرفتار

نيو سعيد آباد( ن سنڌيار) سکر کان حيدرآباد واري موٽر وي يعني ايم سڪس ۾ گهپلو ڪندڙ نيو سعيد آباد جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. اسسٽنٽ ڪشمنر منصور عباسي موٽروي جي اڏاوتي پروجيڪٽ جو لينڊ ايڪوزيشن آفيسر پڻ آهي. موٽري پروجڪيٽ ۾ مٽياري ضلعي ۾ اڃا 2ارب 17 ڪروڙ رُپين جي گهوٻين جو تعين ٿيو آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد ڪيس ۾ پهريان ئي گرفتار آهي. اينٽي ڪرپشن مٽياري موٽروي فراڊ ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هائوس سعيد آباد تي ڇاپو هڻي 42 ڪروڙ رُپيا هٿ ڪيا آهن. اينٽي ڪرپشن سنڌ، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد جي نشاندهي تي اسسٽنٽ ڪمشنر هائوس سعيد آباد ۾ ڪارروائي ڪئي هئي جتان 42 ڪروڙ رُپين جي رقم هٿ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو