آرمي چيف جي صدر مملڪت سان الوداعي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان صدر هائوس اسلام آباد ۾ الوداعي ملاقات ڪئي.ان موقعي تي پاڪستان جي صدر عارف علوي دفاعي شعبي ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جي خدمتن کي ساراهيو.صدر ڊاڪٽر عارف علوي به جنرل قمر جاويد باجوا جي ملڪ ۽ پاڪ فوج لاءِ خدمتن کي ساراهيو.صدر عارف علوي طرفان جنرل قمر جاويد باجوا سندس مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي اعزاز ۾ ماني جو انتظام ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو