پنجاب ۾ سياسي تبديلي،حڪمران اتحاد آئيني ۽ قانوني مشڪلاتن سبب پريشان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ آئيني ۽ قانوني مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪمران اتحاد پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ يا اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري معاملي تي آئيني ۽ قانوني مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.پنجاب اسيمبلي جي ذريعن موجب 4 مهينن کان هلندڙ اسيمبلي اجلاس سبب بي اعتمادي رٿ پيش نه ٿي سگهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ضابطا اخلاق موجب اجلاس ختم ڪرڻ جو اختيار رڳو اسپيڪر وٽ آهي ۽ بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاءِ به موجوده اجلاس ختم ڪرڻ ضروري آهي.پنجاب اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ 41هين اجلاس جي پارلياماني ڪارروائي جو حصو هئي.ياد رهي ته عمران خان پاران 26 نومبر تي سمورين اسيمبلين مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ حڪمران اتحاد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عدم اعتماد جي رٿ سميت ٻين آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو