ڇا آرٽيڪل 14 صرف طاقتور رياستي اختيارين تي لاڳو رهندو؟:عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽر اعظم سواتي جي حق ۾ آواز اٿاريندي سپريم ڪورٽ کان سوال ڪيو ته؟ ڇا آئين جو آرٽيڪل 14 صرف اعليٰ ۽ طاقتور رياستي آفيسرن تي لاڳو رهندو؟ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لکيو ته آئين جو آرٽيڪل 14 انساني وقار کي مقدس قرار ڏئي ٿو، سپريم ڪورٽ کان سوال آهي ته ڇا آئين جي ان آرٽيڪل جو اطلاق طاقتورن تائين محدود آهي؟ هر ڪنهن لاءِ، انساني وقار جهڙو بنيادي حق به محفوظ ناهي.هن وڌيڪ لکيو ته سينيٽر اعظم سواتي کي ننگا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اعظم سواتي جي گهرواري کي نازيبا وڊيو موڪلي ان جي توهين ڪئي وئي، هفتو کن سپريم ڪورٽ مان انصاف جو انتظار ڪيو پر سندس ڪوششون بيڪار رهيون.پي ٽي آءِ چيئرمين اهو به چيو ته غصي ۽ مايوسيءَ جي عالم ۾ جيڪڏهن رد عمل ڏيکاري ته کيس جيل ۾ وڌو ويندو، سڄي ملڪ ۾ سندس خلاف 15 کان وڌيڪ پيپر ڪٽيا ويندا، مان پڇان ٿو ته ان ۾ انصاف ڪٿي آهي؟ ڇا آئين جو آرٽيڪل 14 صرف اعليٰ ۽ طاقتور رياستي آفيسرن تي لاڳو رهندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو