30 مهينن ۾ سنڌ ۾ پوليو جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، مهم جاري رهندي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ اپريل 2022 کان وٺي پوليو جا 20 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ اهي سڀئي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جا آهن جڏهن ته سمورن صوبن مان ماحولياتي نمونن جي رپورٽ به مثبت آئي آهي جيتوڻيڪ سنڌ لاءِ اها وڏي ڪاميابي آهي ته گذريل 30 مهينن کان پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو. هن اها ڳالهه پوليو اوور سائٽ بورڊ (پي او بي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪرسٽوفر الياس جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران چئي. سنڌ جي وڏي وزير سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي 28 نومبر کان 4 ڊسمبر 2022 تائين 8 هاءِ الرٽ ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا 7 ضلعا پڻ شامل آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته سڄو هفتو هلندڙ مهم ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 2771089 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ مهم لاءِ 27 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر مقرر ڪيا ويا آهن. صحت واري وزير موجب 2943 مرد ۽ 113 عورتون سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ٻين ڊويزنن مان واڌو 26 سينيئر فيلڊ اسٽاف کي گهڻو خطرو رکندڙ ۽ گهٽ ڪارڪردگيءَ واري يوسيز ۾ نگراني ۽ معاونت لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان به افغانستان جيان دنيا جي ٻن پوليو متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اپريل 2022ع کان وٺي پوليو جا 20 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ سمورن ڪيسن جو تعلق ڏکڻ خيبرپختونخواهه سان آهي جڏهن ته سمورن صوبن مان ماحولياتي نمونا به مثبت رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اها سندس حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي ته گذريل 30 مهينن ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، پوليو جو آخري ڪيس جيڪب آباد مان 14 جولاءِ تي رپورٽ ٿيو هو جڏهن ته ڪراچي ۾ 9 جون 2020 تي ملير ضلعي جي لانڍي مان پوليو جو ڪيس سامهون آيو هو ۽ گذريل هڪ سال کان لڳاتار منفي ماحول جا نمونا ڏٺا ويا آهن سواءِ لانڍي ضلعي ملير ۾ آگسٽ 2022 ۾. مراد علي شاهه چيو ته اتر وزيرستان (اپريل 2022ع) ۾ پهريون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ اي او سي سنڌ صوبائي سرحدن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ وڌائي ڇڏي آهي ۽ ٽوٽل 1280495 ٻاررن مان ڏکڻ ڪي پي جي ضلعي سان تعلق رکندڙ 30937 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان ساڳي رفتار سان هلندا رهياسين ته وڌيڪ سٺا نتيجا ڏسڻ ۾ ايندا ۽ ڪڏهن به مطمئن نه ٿيڻ گهرجي ۽ محنت جاري رکڻ گهرجي. ۽ وڌيڪ چيو ته ويڪسينيشن ذريعي ٻارن کي پوليو جهڙي مرض کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر اسٽيڪ هولڊر کان مدد گهربل آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پروگرام جي ڪوششن جي نتيجي ۾ منع ڪندڙ ۽ رهجي ويندڙ ٻارن جي انگ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي پر اسان کي انهن کي وڌيڪ هيٺ آڻڻو پوندو خاص ڪري ڪراچي ۾. ملاقات ۾ پي او بي جي وفد پوليو جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. پي او بي جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر الياس چيو ته پوليو لاعلاج آهي پر پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا پيارڻ سان ان مرض کان آساني سان بچي سگهجي ٿو. پروگرام جي پڄاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير والدين تي زور ڀريو ته هو پوليو ٽيمن سان تعاون ڪندي پوليو جا ڦڙا گهر گهر پهچائڻ ۽ پوليو جي خاتمي سان پاڪستان جي مستقبل کي بچائڻ ۾ مدد ڪن. پي او بي جي وفد ۾ ڊبليو ايڇ او آر ڊي ڊاڪٽر احمد المنڌاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينڊيمڪس مسٽر مائيڪل گلي، گلوبل پوليو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حميد جعفري، ڊبليو ايڇ او جي گلوبل پوليو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا، يونيسيف جو مسٽر اسٽيون لاويئر، روٽري انٽرنيشنل جو عزيز ميمڻ شامل هئا جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت لاءِ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، اسپيشل سيڪريٽري صحت نواز سوهو، ڪوآرڊينيٽر اي او سي سنڌ فياض عباسي پڻ موجود هئا

پهنجو تبصرو موڪليو