علي امين گنڊاپور خلاف داخل 13 ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف داخل 13 ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف 25 مئي جي لانگ مارچ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ احتجاج ڪندي اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 13 ڪيس داخل ڪيا ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري علي امين گنڊاپور جي برطرفي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اسلام آباد جي 15 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ايس ايڇ اوز ۽ جاچ آفيسر جي بيانن کانپوءِ علي امين خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته علي امين گنڊاپور جي وڪيل پاران 2 ڪيسن خلاف داخل درخواستون رد ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو