1 سالن کان گم ٿيل شهري عدالت ۾ پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)1 سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران زيد شاهه پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.پوليس رپورٽ موجب ڪيس ۾ پوليس کي گهربل ٻيو شهري شيخ بلال ظفر گرفتاري کانپوءِ هن وقت سينٽرل جيل ۾ آهي.عدالت زيد شاهه ۽ بلال ظفر جي گمشدگي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين محمد ابراهيم ۽ نور اسلام جي بازيابي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون.سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين عمران گل شير ۽ حبيب خان جي بازيابي بابت درخواستن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو به حڪم ڏنو.سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان 6 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو