توهين عدالت ڪيس: ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو اڳ ئي ڪري چڪو هيس: عمران

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان واڌو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو حڪومتي تشدد جي نتيجي ۾ ڪيو هو، جڏهن ته ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ڪري چڪو هيس.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومتي جواب تي جواب جمع ڪرايو آهي، جواب ۾ ٻڌايو ويو ته بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري اڳ ئي پنهنجي جواب ۾ مون کي اطلاع ڪرڻ جي حوالي سان معذوري ظاهر ڪري چڪا آهن، ڪيس اندر واحد نقطو اهو ئي آهي ته مون کي عدالتي حڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو يا نه.عمران خان موجب بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري جي مون سان ملاقات ڪرائڻ جي عدالتي حڪمن جي انتظاميا واضح طور تي ڀڃڪڙي ڪئي، 24 مئي کان پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تشدد سبب سخت دٻاءَ ۾ هيس.جواب ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جون سموريون سرگرميون ٻين هنڌن تان ٿي رهيون هيون، عمران خان نه چيو ته جيمرز سبب ڪميونيڪيشن ناممڪن هئي.عمران خان چيو آهي مون کي ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ منهنجي ۽ حامين جي ميڙاڪي جي آئيني حق کي تسليم ڪيو آهي.جواب موجب خيبر پختونخواهه جو وڏو محمود خان لانگ مارچ دوران عمران خان سان گڏ هو، ان جي اسڪواڊ سان موبائل فون جيمرز به هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو