ڊالر سستو ٿيڻ بعد اڄ ٻيهر مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر ڪالهه ٿوري گهٽتائي کانپوءِ اڄ ٻيهر پنهنجي قدر وڌائي رهيو آهي.ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ معمولي واڌ ٿي آهي،انٽر بئنڪ ۾ 8 پئسا واڌ کانپوءِ ڊالر 223 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 223 رپيا 42 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 64 پوائنٽن جي واڌ سان 42992 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو