ملڪ ۾ سون جو في تولو مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه به وڌي ويو آهي.550 رپين جي واڌ کانپوءِ سون جو في تولو اگهه 1 لک 59 هزار 50 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جو اگهه 472 رپيا اضافي سان 1 لک 36 هزار 360 رپيا ٿي ويو آهي.عالمي مٽا سٽا ۾ سون جو اگهه 8 ڊالرن جي واڌ کانپوءِ 1748 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو