لاهور: مشهور اسٽيج اداڪار طارق ٽيڊي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اسٽيج اداڪار ۽ مزاحيه اداڪار طارق ٽيڊي 46 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مداحن کي ڇڏي خالق حقيقي سان وڃي مليو.طارق ٽيڊي اسٽيج جي بهترين اداڪارن مان هڪ هو، جيڪو ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻڻ لاءِ مزاح جو به ذريعو هو.طارق ٽيڊي جي پٽ موجب سندس والد سانس ۽ جگر جي تڪليف ۾ مبتلا هو، هو ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ گذريل 10 ڏينهن کان PKLI اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. طارق ٽيڊي 12 آگسٽ 1976ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس پويان پٽ جنيد ۽ ٻه ڌيئرون آهن.واضح رهي ته پنجاب جي وڏي وزير به اداڪار طارق ٽيڊي جي علاج لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو