اسحاق ڊار جي آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ تي راضي ٿي ويو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر سان آن لائن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻوڏ کانپوءِ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ناڻي واري وزير قرض پروگرام تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.آن لائين اجلاس ۾ قرض پروگرام تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته آءِ ايم ايف به ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو خرچ مالي سال جي خرچن ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان ٽيڪنيڪل ڳالهيون تيزيءَ سان مڪمل ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو