ٽوئيٽر پاران عارضي طور تي پنهنجون آفيسون بند ڪرڻ جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر اعلان ڪيو آهي ته اڄ کان ڪمپني جون آفيسون عارضي طور تي بند ڪيون وينديون.برطانوي ميڊيا موجب ٽوئيٽر ڪمپني طرفان آفيسون عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿيندو پر آفيسون 21 نومبر کان ٻيهر کوليون وينديون.برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽوئٽر عارضي طور تي ڪمپني جون آفيسون بند ڪرڻ جا سبب واضح نه ڪيا، جڏهن ته آفيسون بند ڪرڻ جي رپورٽ تي جواب ڏيڻ کان به پاسو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو