برطانوي ناڻي واري وزير پاران وڏي پئماني تي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي ناڻي واري وزير معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي ناڻي واري وزير جيريمي هنٽ برطانوي معيشت کي بچائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.جيريمي هنٽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي اعتراف ڪيو ته ان سموري صورتحال جي باوجود معاشي مسئلا وڌندا.ياد رهي ته ان کان اڳ برطانيا ۾ مهانگائي ۽ کساد بازاري کي روڪڻ لاءِ سود جي شرح ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو