حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هو ادارن سان گڏجي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪا به نسلي دشمني ناهي.اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته واقعا ايندا رهندا آهن، اسٽيبلشمينٽ لاءِ چونڊون ڪرائڻ ڏکيو ڪم ناهي.هن چيو ته ڪوشش آهي ته بنا ڪنهن فساد جي چونڊن تائين پهچن.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي ڳالهه درست آهي ته اهڙيون درخواستون عدالتن ۾ نه اچڻ گهرجن، عدالتن کي به گهرجي ته هو پارليامينٽ ۾ وڃڻ جو مشورو نه ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو