اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ پيش،نيب کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو) آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي نيب ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسحاق ڊار ڪالهه ۽ اڄ وفاقي وزير طور حلف کڻندڙ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت سندس درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسحاق ڊار اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ٿيو.ان موقعي تي هن جج جي سامهون چيو ته عمران خان جي حڪومت منهنجو پاسپورٽ رد ڪيو هو، پر مان پنهنجي خراب صحت باوجود پاڪستان اچڻ چاهيان ٿو.اسحاق ڊار چيو ته سڄي دنيا جي سفارتخانن کي پاسپورٽ نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، هاڻي جڏهن پاسپورٽ مليو آهي ته حاضر ٿي چڪو آهيان.عدالت اسحاق ڊار جي درخواست تي قومي احتساب بيورو (نيب) کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار کي 7 آڪٽوبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست اثاثن واري ريفرنس سان گڏ ٻڌي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو