آمريڪي ڊالر جي قيمت اڄ ٻيهر گهٽجي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي وطن واپسي جي خبرن کانپوءِ ڪالهه شروع ٿيندڙ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو اڄ به جاري آهي.ملڪ ۾ اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 رپيا 11 پئسا سستو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 233 رپيا 91 پئسا تي پهچي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ٻن ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر 5 رپيا 74 پئسا سستو ٿي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 ڏينهن دوران 10.40 رپيا سستو ٿي ويو آهي. اڄ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 50 پئسا سستو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 234 رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو