پاڪستان کي هٿيارن جي فراهمي،ڀارتي اعتراض رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پاڪستان کي هٿيارن جي فراهمي بابت ڀارتي اعتراضن کي رد ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ڀارتي پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن واضح ڪيو ته پاڪستان کي ڏنل ايف 16 جهازن جو پروگرام نئون ناهي پر ڪافي عرصي کان آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان کي نوان جهاز، نوان نظام يا نوان هٿيار نه ڏنا پيا وڃن.هن چيو ته پاڪستان لاءِ منظور ڪيل 450 ملين ڊالرن جي ڊيل اڳ ۾ ئي ترسيل جهازن جي سار سنڀال لاءِ آهي ته جيئن پاڪستان وٽ موجود جهازن کي برقرار رکي سگهجي.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان ان ڳالهه جا پابند آهيون ته اسان کي فراهم ڪيل فوجي سامان قابل استعمال رهي. انتوني بلنڪن پنهنجي ڀارتي هم منصب کي ٻڌايو ته پاڪستان جو دفاعي پروگرام دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو، اهڙن خطرن کي وڌڻ جي اجازت ڏيڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي جا واضح خطرا نه رڳو پاڪستان کان پر ان جي پاڙيسري ملڪن مان به آهن، اهي خطرا واضح ۽ سڀني کي معلوم آهن ۽ اهو سڀني جي مفاد ۾ آهي ته اسان وٽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيلا موجود آهن. ۽ هي پروگرام ان مقصد لاءِ آهي. پاڪ-ڀارت لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن بابت پڇيل سوال تي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسان پنهنجن دوستن تي زور ڏيون ٿا ته اهي اختلاف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪن. ڀارتي پرڏيهي وزير ڀارتي آمريڪي برادري کي خطاب ۾ آمريڪا طرفان پاڪستان کي ايف 16 جهازن جي فراهمي تي سخت اعتراض ڪندي آمريڪي موقف تي تنقيد ڪئي.جي شنڪر چيو ته توهان دهشتگردي سان وڙهڻ لاء F-16 جهاز ڏيڻ جي ڳالهه ڪندي ڪنهن کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهو.هن پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن تي طنز ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن مان پاڪستان ۽ آمريڪا کي ڪو به فائدو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو