3 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جا ٽينڊر کوليا ويا

اسلام آباد(بيورو) ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان 3 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جا ٽينڊر کوليا آهن.ٽي سي پي عملدارن موجب ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ٽي سي پي کي 2 بوليون مليون آهن، ڪراچي پورٽ ۽ گوادر پورٽ تي امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي لينڊنگ لاڳت جو جائزو مڪمل ڪيو ويو آهي.ٽي سي پي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي بندرگاهه تي امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي لينڊنگ لاڳت 398.92 ڊالر في ٽن هوندي، جڏهن ته گوادر بندرگاهه تي ڪڻڪ جي لينڊنگ لاڳت 409.92 ڊالر في ٽن هوندي. ٽي سي پي اختيارين موجب امپورٽ ڪيل ڪڻڪ ڪراچي بندرگاهه جي ڀيٽ ۾ گوادر بندرگاهه تي وڌيڪ مهانگي هوندي، جڏهن ته امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي ٽرانسپورٽ جو خرچ مختلف هوندو.ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان موجب پاسڪو لاءِ ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو