ڊينگي سبب وڌيڪ 436 ماڻهو متاثر، بخار جون دوائون غائب

اسلام آباد(بيورو)سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 436 ڄڻا ڊينگي ۾ مبتلا ٿي ويا.صحت کاتي جي ذريعن موجب ڊينگي کان متاثر 254 ماڻهن جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ شهر قائد جي اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن جي رش سبب اسپتالن ۾ رش تمام گهڻو وڌي ويو آهي.پنجاب ۾ ڊينگي ۾ مبتلا 373 ماڻهن مان 192 لاهور ۽ 101 راولپنڊي جا آهن. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ 392 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ پشاور جا 175 مريض شامل آهن، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 81 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ دوائن جي فراهمي ۽ قيمتون معمول تي نه اچي سگهيون، لاهور جي بازارن ۾ بخار جي دوائن کان پوءِ ڪينسر ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين جي دوائن جو به فقدان ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به دوائن جي کوٽ برقرار آهي. بخار، جسم جي درد ۽ مليريا سميت ڪيتريون ئي دوائون، بيمارين جون دوائون ناياب ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو