نسيم شاهه طبيعت ناسازي سبب اسپتال منتقل،هاڻ بهتر آهي:ترجمان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي حالت بابت ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جو بيان سامهون اچي ويو.نسيم شاهه جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ سبب کيس گذريل رات لاهور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب نسيم شاهه وائرل انفڪشن ۾ مبتلا آهي، کيس بخار سبب رات جو اسپتال نيو ويو هو. پي سي بي ترجمان موجب نسيم شاهه هاڻي ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو آهي پر هو انگلينڊ خلاف اڄوڪي ميچ لاءِ موجود نه هوندو. ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايندڙ ميچن لاءِ فاسٽ بالر جي موجودگي جو فيصلو ميڊيڪل رپورٽن بعد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو