ڪوآرڊنيشن ڪميٽي ضلعي جو سروي ڪندي:ڊي سي

شڪارپور (ن س) شڪارپور ۾ برساتي ٻوڏ جي نقصان جو گڏيل سروي شروع ڪرڻ لاء ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊنيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي، گڏيل سروي جو ڪم 30 سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويندوء سروي 20 آڪٽوبر تائين جاري رھندي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور/ ڊسٽرڪٽ ڪميٽي چيئرمين ابرار جعفر، ڪمييٽي جاني نقصان، زخمين، گھر مڪمل تباھ ٿيڻ يا گھر کي جزوي نقصان، فصلن ء جانورن جي نقصان جو سروي ڪندي، ضلعي ليول تي ٻارنھن ڪميٽيون تشڪيل ڏيون پيا، ھر تعلقي ۾ ٽي ٽي ڪميٽيون سروي ڪنديون ء ھر يوسي ۾ ھڪ ڪميٽي ٽن ڏينھن تائين سروي ڪندي. ڊپٽي ڪمشنر، ڪميٽن کي ھڪ ڏينھن جي ٽرينگ ڏني ويندي ء ڪميٽيون سروي دوران فارم ڀرينديون. ڪرنل رضوان تفصيل موجب شڪارپور ۾ برساتي ٻوڏ جي تباھڪارين ء نقصان جي سروي ڪرڻ لاء ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي شڪارپور جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ء ڪميٽي چيرمين ابرار جعفر چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ سروي لاء ٻارنھن ڪميٽيون جوڙي رھيا آھيون جيڪي ھر تعلقي ۾ ٽي ٽي ڪميٽيون سروي جو ڪم ڪنديون جڏھن ته ھر ڪميٽي ھر يوسي ۾ ٽن ڏينھن تائين سروي ڪندي. ھن چيو ته ھي ڪميٽي برسات دوران انساني جاني نقصان جن ۾ مري ويلن ء زخمين جا انگ اکر گڏ ڪندي. جڏھن ته جايون مڪمل ڊھي پوڻ يا انھن کي پھتل جزوي نقصان، جانورن ، فصلن ، دڪانن جي نقصان جو سروي ڪندي. چيرمين ڪميٽي ٻڌايو ته ضلعي ليول تي ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي جو چيرمين، ايس ايس پي، آرمي لائيزن آفيسر، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم جو نمائيندو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ميمبر ھوندا ، جڏھن ته ايڪسين ھاء وي، بلڊنگ ء ايجوڪيشن ورڪس تڪنيڪل ڪميٽي جا ميمبر طور ڪم ڪندا. جڏھن ته يوسي ليول تي پڻ ڊي سي ، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج جو نمائيندا ء يوسي سيڪريٽري گڏيل سروي جو ڪم ڪندا.گڏجاڻي سان ڳالھائيندي ڪرنل رضوان چيو ته ڊسٽرڪٽ ء يوسي ليول تي سروي ڪندڙ ٽيمن کي ھڪ ڏينھن جي ٽريننگ ڏني ويندي ء ٽيمون سروي جو فارم فيلڊ ۾ ڀرينديون ء جنھن جو نقصان ٿيو آ اھو پنھنجي نقصان بابت آگاھي ڏيندو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ، ٽو، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ء مختيارڪارن، ايڪسين روڊس ، بلڊنگس، لوڪل گورنمينٽ ء تعليم کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو